محمد علي پٺاڻ

محمد علي پٺاڻ

پٺاڻ محمد علي

پٺاڻ، محمد علي: ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم غوثپور پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ پائيلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن ايم. اي سنڌي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو سربراهه آهي، هن ادبي زندگيءَ جو آغاز 1974ع کان ڪيو، شاعريءَ ۽ 50 کن ڪهاڻين کان سواءِ ٻه ناول ”واٽ وڃائي جن“ ۽ ”کاهيءَ جي وچ ۾“ لکيا اٿس، پر اڃا اشاعت هيٺ نه آيا آهن. هن جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”ميندي لهڻ کان اڳ ۾“ ۽ ”تيلي ٻاري وقت ڏسان ٿو“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن. هن جو هڪ ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون، ماهوار ‘سوجهري’ ۾ قسطوار ڇپيل آهي. هن 1990ع ۾ کان روزاني عوامي آواز ۾ ”پسي بازاريون“ عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ ساڳئي نالي سان هن روزاني هلال پاڪستان ۽ روزاني عبرت ۾ به لکيا، جڏهن ته ڪاوش جي قيام کان وٺي وقت به وقت ان ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هن ڪيترا ڊراما لکيا آهن، جن مان: ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ ۽ ”انصاف“ ڊراما سيريز کان سواءِ 20 کن سولو پلي مختلف چئنلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڊرامو ”وهڪرو“ نالي سان ڊائيلاگن کان سواءِ به شامل آهي. محمد علي پٺــاڻ جي شـاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن: (1)“اکيـون آلا چـنـڊ” (1988ع)، “عاشورا آهن” (1995ع)، (2) “اگهيا اوجاڳا” (2000ع)، (3) “ڀڳو آرس اکين” (2001ع). محمد علي پٺاڻ مختلف رسالن جو ايڊيٽر به رهيو آهي، جن ۾ ”ڏات“ پبليڪيشن (1978ع)، ”مرڪ“ پبليڪيشن (1984ع)، ”نئين دنيا“ پبليڪيشن (1979ع) ۽ ماهوار ”ڪونج“ (1995ع) آهن. هن وقت دڙي مهلي، لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.02.03  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلبل کورواهي
الطاف حسين حالي
حاجي مريد مهيري
شاڪر محمد شاڪر
الماس سنڌو
صالح راڄپر وفا
سدارام ڀڳت
صابر علي مير ٺٽوي
شاڪر شجاع آبادي
تيوڻو حفيظ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون